نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي لوڪ سڀا چونڊن جي شروعاتي رجحانن ۾ مودي جي جماعت بي جي پي لاءِ وڏو اپ سيٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن کانپوءِ ڀارتي اسٽاڪ مارڪيٽ به ڪريش ڪري وئي.
ڀارت جي 543 رڪني پارليامينٽ لوڪ سڀا جي چونڊن لاءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي، لوڪ سڀا ۾ سادي اڪثريت لاءِ 543 سيٽن مان 272 تي ڪاميابي گهربل آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب چونڊن جي نتيجن کي ڏسندي شروعاتي رجحانن ۾ مودي جي بي جي پي کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي، بي جي پي کي 239 سيٽن تي سرسي حاصل آهي ۽ بي جي پي اتحاد اين ڊي 294 سيٽن تي اڳتي آهي، جڏهن ته ڪانگريسي اتحاد انڊيا 234 سيٽن تي اڳتي آهي.
ان کانسواءِ اپوزيشن جماعت ڪانگريس 97 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
ايگزٽ پولز ۾ مودي جي اتحاد اين ڊي اي جي وڏي ڪاميابي جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي پر بي جي پي جي قيادت هيٺ اتحاد کي وڏي اڪثريت ملڻ جو امڪان ناهي.
هوڏانهن مودي جي مينڊيٽ ۾ گهٽتائي جي رجحان کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ڪريش ڪري وئي آهي، جنهن ۾ 4 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب بي ايس اي انڊيڪس 4378 پوائنٽن کانپوءِ 72 هزار 76 پوائنٽس تي اچي ويو آهي، سيڙپڪارن جا 30 لک ڪروڙ ڀارتي رپيا ٻڏي ويا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارتي رپئي جو قدر ڊالر جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 83.14 ٿي ويو آهي.
india narendramodi rahulgandhi