ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي امير محمد حسين محنتي سول اسپتال جي برنس وارڊ جو دورو ڪري حيدرآباد سلينڊر حادثي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت ڪئي.
ان موقعي تي محمد حسين محنتي چيو ته حيدرآباد واقعو سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪرپشن جو چٽو ثبوت آهي، حادثي ۾ ننڍا ننڍا ٻار مارجي ويا، هن علائقي ۾ فائر برگيڊ جو عملو به وقت تي نه پهتو، ايمبولينس به دير سان پهتي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت زخمين لاءِ 5 لک رپين ۽ فوتين لاءِ 10 لک رپين جو اعلان ته ڪيو پر رڳو امداد هن مسئلي جو حل ناهي . سڄي صوبي ۾ رڳو هڪ ئي برنس وارڊ ڇو آهي؟ صوبي جي هر وڏي شهر ۾ برنس وارڊ هجڻ گهرجي.