ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي اڄ کان ست جون تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ آنڌاري جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي جنهن موجب، ڪمزور اولهندي هوائون اڄ چار چون کان ملڪ جي مٿانهن ۽ وچ وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون.
موسميات کاتي موجب، ان سسٽم سبب ملڪ جي مختلف حصن ۾ آنڌاري، واچوڙن ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سميت برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، ڪوئيتا ۽ بارکان ۾ گجوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، گوجرانوالا، اوڪاڙا، فيصل آباد ۽ خوشاب ۾ برسات ٿيندي،
ان کانسواءِ بهالپور، ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ ليا ۾ به آنڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، آنڌاري سبب بيٺل فصلن ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر کي نقصان جو خدشو آهي.
Rain Heatwave Pakistan