توهينِ عدالت ڪيس: فيصل واوڊا جو سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل واوڊا توهينِ عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
فيصل واوڊا توهينِ عدالت نوٽيس تي 16 صفحن تي ٻڌل پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو
فيصل واوڊا پنهنجي جواب ۾ چيو ته سندس پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليا جي توهين نه پر ملڪ جي بهتري هو.
اڳوڻي وزير طرفان رئوف حسن، مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جون تقريرن جا ٽرانسڪرپٽ به عدالت ۾ پيش ڪيا ويا.
فيصل واوڊا جواب ۾ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن محترم جج کي ٽائوٽ چيو ۽ عدليا ۽ ججن کي ڌمڪايو، مولانا فضل الرحمان به سپريم ڪورٽ جي آڏو تقرير ۾ ججن کي ڌمڪايو جڏهن ته شهباز شريف ججن کي ڪاريون رڍون قرار ڏنو.
هن پنهنجي جواب ۾ استدعا ڪئي آهي ته عدالت توهين عدالت جي ڪارروائي اڳتي وڌائڻ بدران صبر جو مظاهرو ڪري ۽ نوٽيس واپس ورتو وڃي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال عدليا مخالف بيان ڏيڻ تي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ مصطفيٰ ڪمال غير مشروط معافي وٺي ڇڏي آهي.

FaisalVawda unconditionalapology contemptcase

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.