وزيراعظم شهباز شريف 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف وفاقي وزيرن سان گڏ 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو.
وزيراعظم شهباز شريف چيني وزيراعظم جي دعوت تي چين جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي.
وفاقي وزير خواجا آصف، محمد اورنگزيب، مصدق ملڪ، عطا الله تارڙ به به وزيراعظم سان گڏ آهن.
دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقات ڪندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، وزيراعظم نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان به ملاقات ڪندو.
ملاقات دوران پاڪ-چين لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ملاقات دوران ٻن طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل طور تي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي جڏهن ته سي پيڪ منصوبي جي ٻي مرحلي تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي.
وزيراعظم بيجنگ کانسواءِ چيني صوبن گوانگ زو ۽ شانزي جو به دورو ڪندو جنهن دوران شهباز شريف مختلف چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو.

PMShehbazSharif  visittoChina ChinesePresidentXiJinping

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.