گرباز ۽ ابراهيم بعد فاروقي جي تباهي، افغانستان جي يوگنڊا کي 125 رنسن تان شڪست

گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پنجين ميچ ۾ افغانستان يوگنڊا کي 125 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
گيانا جي پرويڊنس اسٽيڊيم ۾ يوگنڊا افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.
افغانستان پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون. افغان اوپنر رحمان الله گرباز ۽ ابراهيم زدران وچ ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 154 رنسن ڀائيواري قائم ٿي جنهن افغانستان کي مضبوط شروعات فراهم ڪئي.
ابراهيم زدران 46 بالن تي هڪ ڇڪي ۽ نوَ چوڪن جي مدد سان 70 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته رحمان الله گرباز 45 بالن تي رنسون ٺاهيون جنهن چار ڇڪا ۽ چار چوڪا پڻ شامل هئا.
نجيب الله زدران 2، گلبدين نائب 4 ۽ عظمت الله عمر زئي 5 رنسون ٺاهيون، محمد نبي 14 ۽ ڪپتان راشد خان 2 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيا.
يوگنڊا طرفان برائين مسابا ۽ ڪوسمس ڪيووٽا 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته الپيش راماجاني جي حصي ۾ 1 وڪيٽ آئي.
افغانستان جي 184 رنسن جواب ۾ يوگنڊا جي پوري ٽيم 48 رنسن تي ڍير ٿي وئي، يوگنڊا جو ڪپتان برائن ماسابا کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو.
ان کانسواءِ روبنسن اوبويا 14. رونق پٽيل 4، سمن سيسازي 4، رياضت علي شاهه 11، دنيش نڪراڻي ۽ بلال حسن 8-8 رنسون ٺاهي سگهيا، ڪوسمس ڪيووٽا 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
افغانستان جي فضل الحق فاروقي پنج شڪار ڪيا جڏهن ته نوين الحق ۽ راشد خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.
شاندار بالنگ فضل الحق فاروقي کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

T20WorldCup2024 Afghanistan Uganda

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.