توهينِ عدالت ڪيس: مصطفيٰ ڪمال سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ معافي بابت حلفي بيان جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدليا کان پنهنجي هر بيان خاص طور 16 مئي جي پريس ڪانفرنس تي غير مشروط معافي چاهيان ٿو.
هن چيو ته علي عدليا جي ججن جو دل سان احترام ڪيان ٿو، عدليا ۽ ججن جي اختيارن ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ بابت سوچي به نٿو سگهان.
مصطفيٰ ڪمال حلفي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عدليا کان معافي جي درخواست ۽ پاڻ کي عدليا جي رحم ڪرم تي ڇڏيان ٿو.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سينيٽر فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال عدليا مخالف بيان ڏيڻ تي توهينِ عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو ويو هو، ٻنهي خلاف توهينِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي ٿيندي.

MustafaKamal contemptofcourtcase unconditionalapology

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.