گلوبل وارمنگ بابت دنيا کان پاڪستانين جو موقف مختلف، معاملو قدرت تي ڇڏي ڏنو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) 33 سيڪڙو پاڪستانين پاران گلوبل وارمنگ جي پهرين ۽ سڀ کان اهم سبب قدرت سببن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گيلپ پاڪستان پاران ڪيل سروي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته پاڪستاني  شهرين پاران گلوبل وارمنگ جو سبب ٻڌائيندي انساني ۽ صنعتي سرگرمين کي سائنسي حقيقتن کي نظرانداز ڪيو آهي يا ته گهٽ اهميت ڏني آهي. سروي موجب 30 سيڪڙو پاڪستانين انساني سرگرمين کي ٻئي نمبر تي رکيو آهي، سروي ۾ 15 سيڪڙو پاران صنعت ۽ 7 سيڪڙو زراعت کي گلوبل وارمنگ جو ذميوار قرار ڏنو. رپورٽ موجب ان حوالي سان پاڪستانين جو موقف عالمي راءِ کان بلڪل مختلف آهي، عالمي سطح تي، 46 سيڪڙو صنعت کي گلوبل وارمنگ جو پهريون ۽ سڀ کان اهم سبب قرار ڏنو، عالمي سطح تي 41 سيڪڙو چيو ته انساني سرگرميون گلوبل وارمنگ جو بنيادي سبب آهن، جڏهن ته قدرتي سبب 16 سيڪڙو سان ٽئين نمبر تي آهن.

Heatwaves Pakistan climatechange

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.