سکر (نمائندن وٽان)گهوٽڪي ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي اڳوڻن ۽ قلم ڌڻين پاران پريس ڪلب گهوٽڪي ٻاهران ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ سياسي سماجي اڳواڻن عبدالرشيد گڏاڻي، بالم راٺوڙ، مير حسن عارباڻي، عبدالحئي ڀٽو، آزاد مهر، عرفان علي سومرو، يونس ڀٽو، نصرالله ڪلادي، زيشان عاربي، عدنان سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صالح پٽ ۾ صحافين ۽ سماجي اڳواڻن پاران شهيد نصرالله گڏاڻي، شھيد جان محمد مھر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاجن ۾ صحافين سجاد حسين گڏاڻي، الهوڌايو مهر، جاويد ڦلپوٽو، جي يو آءِ پاران پاران مولانا فرزان علي، سماجي اڳواڻ بگن شنباڻي احتجاج ڪيو، جڏهن ته آرڊي 186 ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن حافظ علي گل عثماني، مولانا عبدالجواد سومرو، ڊاڪٽر غازي سومرو، واحد بخش ڌانڌو، عبدالخالق ڀنڀرو ۽ ٻين مظاهرو ڪيو.ڏهرڪي ۾ علامتي بک هڙتال جاري رکي وئي، جنهن ۾ لطيف لغاري، برڪت ميراڻي، شبير ڀٽي، شاھد ميراڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پني عاقل ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، صحافي شڪيل وسير ، رستم انڍڙ، فدا ميراڻي، محرم ملڪ،پريل دايو، برڪت جھنڊير، الطاف ڪلوڙ، زبير انڍڙ، عرفان سومرو، عاشق جتوئي، ميان جان محمد انڍڙ، امان الله کوسو، پنوعاقل ويلفيئر اتحاد جو فدا بلو، ڊاڪٽر دوست محمد ڪلھوڙو، پ پ شھيد ڀٽو جو گلشن ملڪ، اسحاق جسڪاڻي، لال چاچڙ، حفيظ ڪلوڙ، شھري اتحاد جو غلام محمد مھيسر، ڪائونسلر صوبدار گڏاڻي حسين بخش گڏاڻي ،معشوق گڏاڻي ۽ ٻين مظاهري ۾ شرڪت ڪئي. ميرپورماٿيلو ۾ برڪت ميراڻي، ثاقب گڏاڻي،پريم راٺوڙ، غازي وسير، پاڪستان ميڊيا ڪونسل سنڌ جي ڪوآرڊينيٽر هادي بخش جلباڻي، طفيل رند، شبير ڀٽي، منظور شيخ، غلام مصطفيٰ مهر، وقار بوزدار، جنيد جلباڻي، جسقم جي فقير رمضان ڪلوڙ، يوسف بوزدار، پ پ پ شهيد ڀٽو يوٿ ونگ جي سعيد بوزدار ۽ ٻين ٽئين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي. جروار ۾ همت بوزدار، نواز جلباڻي، عاجز گبول، نعيم مشوري، غلام بوزدار، ولي محمد آصف علي، احسان گبول ۽ ٻين احتجاج رڪارڊ ڪرايو، جڏهن ته دادلغاري ۾ سنڌ صحافي اتحاد جي سڏ تي ڪار اسٽينڊ داد لغاري کان داد لغاري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شھرين سول سوسائٽي، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ صحافين امجد لغاري، محمد علي پتافي، رانجھن لغاري، عبدالستار لغاري، محسن پتافي، نواز مھر، محرم پتافي، ڦوٽو مھر، سليم لغاري ۽ ٻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي، صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن ۽ سھولتڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي کي حق ۽ سچ لکڻ توڙي چوڻ تي شهيد ڪيو ويو آهي، جيڪو سراسر وڏو ظلم ٿيو آهي، ٻي پاسي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي پاران ڪيل اعلان موجب قاتلن جي گرفتاري توڙي عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ 6 جون تي سموري سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين کي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ۽ هن سڀني سنڌ واسين کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ روڊ رستا بند ڪري ڌرڻا هنيا وڃن.
آءِ جي سنڌ سان صحافين جي ملاقات، شهيد صحافين جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو
ڪراچي(پ ر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي وفد آئي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ملاقات ڪري شهيد جان محمد مهر، نصرالله گڏاڻي جا قاتل، ٻٻرلوءِ جي صحافي حيدر مستوئي کي گوليون هڻندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ سنڌ صحافين خلاف ٿيندڙ ڏوهن تي ضابطو نه اچڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي خزانچي لالا اسد پٺاڻ، ايف اِي سي جي ميمبر خالد کوکر ۽ لالا رحمان سمون جي اڳواڻي ۾ پي ايف يو جي وفد ڪراچي ۾ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان ملاقات ڪئي.ملاقات دوران سکر جي سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر، ميرپورماٿيلو جي صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جا قاتل ۽ ٻٻرلوءِ جي صحافي حيدر مستوئي مٿان حملو کيس گوليون هڻندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ واري صورتحال کان آئي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي آگاهه ڪيو.ملاقات دوران پي ايف يو جي وفد آءِ جي سنڌ کي سنڌ صحافين خلاف ٿيندڙ ڏوهن ۽ پوليس جي زيادتين خلاف تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو. آئي سنڌ غلام نبي ميمڻ پي ايف يو جي وفد کي شهيد صحافين جا قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۽ صحافي حيدر مستوئي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو يقين ڏياريو. ملاقات ۾ خيرپور يونين آف جرنلسٽس جو صدر نويد کهڙو، اعظم مستوئي ۽ ٻيا صحافي به شامل هئا.
نصرالله گڏاڻي ڪيس، دهشتگردي ٽوڙ عدالت رپورٽون گهري ورتيون
ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ سموريون رپوٽون طلب ڪري ورتيون. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ شهيد نصرالله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جاچ آفيسر ذوالفقار مهر پيش ٿيو. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر کان ڪيس جون سموريون رپوٽون طلب ڪري ورتيون، جنهن بعد ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جاچ آفيسر ذوالفقار مهر ٻڌايو ته واقعي واري هنڌان سمورا سيمپل وٺي فرانزڪ لاءِ ليبارٽري اماڻيا آهن، ڪوشش ڪنداسين ته رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيون.هن چيو ته بلائينڊ ڪيس آهي، جوابدار نامزد ناهن، شڪ جي بنياد تي 3، 4 ماڻهو تحويل ۾ ورتا ويا آهن، جيڪي به قتل ۾ ملوث جوابدار هوندا، انهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
شهيد جا قاتل 14 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ٿيا، پوليس پاران روايتي طور ڳوٺاڻن جي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو جاري
ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپورماٿيلو ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل 14 ڏينهن گذرڻ باوجود گهوٽڪي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، ۽ پوليس پاران نه ڪو ئي جوابدار ڳولي سگهي آهي، ۽ پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي بي گناھ ماڻهن جي ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جي عيد کان عيد ٿي پئي آهي.
شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ پاران 6 جون تي ڌرڻي جو اعلان
ميرپورماٿيلو (ن ع آ) شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي پاران ڪيل اعلان موجب قاتلن جي گرفتاري توڙي عدالتي ڪميشن جوڙڻ لاءِ 6 جون تي سموري سنڌ ۾ نيشنل هاءِ وي بلاڪ ڪري ڌرڻا هنيا ويندا، جنهن ۾ سياسي سماجي ڌرين کي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ هن سڀني سنڌ واسين کي اپيل ڪئي آهي ته پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ روڊ رستا بند ڪري ڌرڻا هنيا وڃن.
شهيد نصرالله جديد دور جو سورمو آهي: سنڌي ادبي سنگت ابراهيم حيدري
ڪراچي( پ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ ابراهيم حيدري پاران تعزيتي گڏجاڻي ۾ شهيد نصرالله کي ڀٽائي جو جديد دور جو سورمو قرار ڏنو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ابراهيم حيدري جي گڏجاڻي نوجوان اديب ۽ صحافي علي مرتضيٰ کوکر جي صدارت هيٺ ٿي. جنهن ۾ وسيم گبول، ماما گلاب، وارث ڪانڌڙو، منصور کوکر، سارنگ زين چانڊيو ۽ ٻين چيو ته شهيد نصر الله جديد دور جو سورمو آهي. هو ڀٽائي جي ڪردارن جو جنم آهي. هن جاگيدارن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪايو. هن غريبن جي مدد ڪئي.
Nasrullahgadani Juticefornasrullahgadani AwamiAwaz