اسلام آباد (م ڊ): آءِ ايم ايف چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ ترقياتي منصوبا طلب ڪري ورتا. آءِ ايم ايف چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ نون ساليانن ترقياتي منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف چئني صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته هو پنهنجي ترقياتي فنڊن جا سمورا تفصيل پلاننگ ڪميشن کي ڏين. ان حوالي سان پنجاب ۽ سنڌ حڪومتن ايندڙ مالي سال لاءِ پنهنجا ترقياتي منصوبا ۽ حڪمت عمليون وفاقي حڪومت سان شيئر ڪيون آهن پر خيبرپختونخواه، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پنهنجا ترقياتي منصوبا شيئر ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب پنجاب حڪومت پنهنجي ترقياتي رٿائن کي 7 سيڪڙو وڌائي 700 ارب رپيا ڪرڻ جي خواهش مند آهي، جنهن ۾ مقامي ذريعن مان 577 ارب ۽ پرڏيهي ذريعن مان 123 ارب ملڻ جو ڪاٿو آهي. اهڙي طرح سنڌ جي ترقياتي رٿائن ۾ 32 سيڪڙو واڌ سان 764 ارب رپيا اچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ 430 ارب رپيا مقامي ذريعن ۽ 334 ارب رپيا ٻاهرين ذريعن مان اچڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي تجويز تي اڳ ۾ ئي ترقياتي پروگرام جوڙي رهي آهي. وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي هدايتن تي صوبائي منصوبن لاءِ فنڊن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ پارليامنٽ ميمبرن جون صوابديدي اسڪيمون مڪمل طور تي روڪي ڇڏيون آهن.