شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

مظفر آباد ( م ڊ ) مظفر آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. مظفر  آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ عدالت احمد فرهاد کي سلو پوائزن ڏيڻ جي شڪ ۾ طبي معائنو ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو هو. ان کان اڳ وفاقي حڪومت 29 مئي تي 15 ڏينهن بعد اسلام آباد مان گم ٿيل شاعر ۽ صحافي احمد فرهاد جي گرفتار ظاهر ڪئي هئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.