ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي علائقي سنجدي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 11 پورهيت فوت ٿي ويا. چيف مائنز انسپيڪٽر عبدالغني موجب ڪوئلي جي کاڻ ۾ زهريلي گئس سبب ڪم ڪندڙ پورهيت فوت ٿي ويا، هن چيو ته فوت ٿي ويلن جو تعلق خيبرپختونخواهه جي علائقي سوات سان آهي، جن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.هن چيو ته حادثي جو شڪار ڪول مائن کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فوتين جا لاش سندن اباڻي علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن .