سياحن جي جنت ۾ اسرائيلن جي اچڻ تي بندش

ڏکڻ ايشيا جو ننڍڙو ملڪ مالديپ ۾ سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو،پر دنيا ۾جنگين ۽نفرت جي باھ گھمڻ ڦرڻ ۽ سياحت واري شعبي کي بھ پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آھي. غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين خلاف مالديپ ۾ وڌندڙ احتجاج کانپوءِ مالديپ جي حڪومت اسرائيلي شهرين جي مالديپ  اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ڪابينا اسرائيلي پاسپورٽ هولڊرز کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ قاعدن کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. فيصلي جي پڌرائي ملڪ جي صدر محمد معيزو جي آفيس مارن جاري ڪئي وئي، صدر طرفان اهو فيصلو ڪابينا جي سفارشن تي ڪيو ويو آهي. اھڙي فيصلي تي عمل لاءِ هڪ  ڪميٽي بھ جوڙڻي پئي وڃي.

ان وچ ۾ گادي واري شهر مالي ۾ شهري غزه ۾ اسرائيلي حملن خلاف ڪيترن ئي مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ اسرائيلي شهرين جي داخلا تي پابندي جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي مالديپ طرفان اسرائيلي پاسپورٽ رکندڙن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي فيصلي کانپوءِ اسرائيل پڻ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون آهن. اسرائيلي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي معاملن واري وزارت اسرائيلي ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو مالديپ جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. هر سال اٽڪل 10 لک سياح مالديپ جو دورو ڪن ٿا، جن مان اٽڪل 15ھزار اسرائيلي ھوندا آهن.

گذريل سال، اٽڪل 11ھزار اسرائيلي شهرين مالديپ جو دورو ڪيو ھو.

مالديپ حڪومت جي ان فيصلي جو ذڪر سوشل ميڊيا تي به ٿي رھيو آھي. ڪيترائي اسرائيلي شهري مالديپ جي حڪومت تي تنقيد بھ ڪن پيا.اسرائيلي شهري ۽ سماجي ڪارڪن يوسف حداد مالديپ حڪومت جي ان فيصلي جي مذمت ڪئي آهي.

هن سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ”7 آڪٽوبر جي قتل عام کانپوءِ فلسطينين جي داخلا تي ڪا به پابندي نه هئي“ هن اھو بھ لکيو ته هنن ايران، اتر ڪوريا يا شام جي شهرين جي داخلا تي پابندي نه لڳائي آهي. انهن صرف اسرائيلين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. انهن وٽ شايد خوبصورت ٻيٽ هجن پر انهن جون پاليسيون بدصورت آهن. ازائي بولٽ نالي هڪ ايڪس يوزر جي نظر ۾ به اهو فيصلو حيران ڪندڙ نه آهي. هن لکيو ته مالديپ جي نسل پرست حڪومت ملڪ ۾ اسرائيلين جي داخلا تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مالديپ هڪ اسلامي ملڪ آهي. مالديپ 1965 ۾ برطانيا کان سياسي طور تي مڪمل طور تي آزاد ٿيو ۽ آزاديءَ جي ٽن سالن بعد، مالديپ هڪ آئيني اسلامي جمهوريه بڻجي ويو.آزاديءَ کان وٺي، اسلام مالديپ جي ماڻهن جي سياست ۽ زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. آئين موجب صدر ۽ ڪابينا جا وزير صرف سني مسلمان ٿي سگهن ٿا.

اسلام تي تنقيد مالديپ جي قانون تحت  ڏوھ  سمجهيو ويندو آهي. مالديپ دنيا جو ننڍو اسلامي ملڪ آهي.

صدر بڻجڻ کانپوءِ محمد معيزو جو پهريون پرڏيهي دورو ترڪي جو هو. ان کان اڳ مالديپ جي نئين صدر جو پهريون پرڏيهي دورو ھندوستان جو هوندو هو، پر ھاڻوڪي صدر ان روايت کي ٽوڙي ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.