ڄامشوري ۾ شهيد نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي شاخ پاران حسين سارنگ، فھيم نوناري، لطيف لغاري، اين بي کوسو، محمد علي گھانگھرو، ايڊووڪيٽ ولھار ڇڇر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب سامھون شھيد صحافي عوامي آواز سٿ جي ساٿي نصر الله گڏاڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي  جي تصوير اڳيان ميڻ بتيون ٻاري گلن جي ورکا ڪئي وئي آھي ان موقعي تي ادبي سنگت جي اڳواڻن جو چوڻ ھو شھيد نصر الله گڏاڻي تمام بھادر صحافي ھو، ھن پنهنجي قلم ۽ ڪيمرا ذريعي سرداري نظام خلاف ھڪ سگھاري جنگ جوٽي ان کي جيئن جو تيئن جاري رکڻ سنڌ جي ھر باشعور فرد مٿان فرض ٿئي ٿو،ان موقعي تي اديبن سردار مائي فوٽ ۽ ڀوتار مائي فوٽ جي زوردار نعريبازي پڻ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.