”سردارن جي يلغار نامنظور“ايس يو پي سراپا احتجاج

لاڙڪاڻو/ڀان سيد آباد/سيوهڻ(نمائندا) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي ايس يو پي ضلعي طرفان صحافي جان محمد مهر، اجي لالواڻي ۽ نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف نه ٿيڻ توڙي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جتي هنن هٿن بئنر ۽ تنظيمي جهنڊا کڻي نعريبازي پڻ ڪئي.  ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدر صدر ڀٽي، ڊاڪٽر مظهر مغل، خادم حسين گهانگهرو، منظور آزاد شيخ، شڪيل ملاح، فتح جانوري، استاد گل دايو احمد علي تنيو سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي اڳواڻ چيو ته سنڌ اندر ورهين کان وٺي سرداري نظام قائم ٿيل آهي، جنهن سبب صحافين سميت عام ماڻهو محفوظ ناهي رهيو، پوليس شهيد صحافين جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ۽ نه ئي سندن خون سان انصاف ڪيو ويو آهي. ڀان سيدآباد ۾ ڌرڻي کي ايس يو پي اڳواڻ ڌرياء خان لغاري ، اصغر شاهاڻي ، اصغر سولنگي ، علي رضا چنا ، اڪبر بوبڪائي ، سهيل ٻرڙو ، اسلم رودناڻي ، امير بخش خشڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ھڪ يتيم خانو بڻجي چڪو آھي جتي سردارن وڏيرن جو راڄ قائم آھي جتي سچ لکڻ تي صحافين کي شھيد ڪيوپيو وڃي، سيوهڻ ۾ ايس يو پي جي  نواز رند،تاج محمد پنھيار، عبدالحڪيم بڙدي، فريد ٻگھيو، محمدخان سولنگي، امام علي جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عوام جو آواز بلند ڪندڙ صحافين کي قتل ڪرڻ آزاد صحافت تي وار سمجهون ٿا ان ڪري سنڌ جي حق سچ لکندڙ صحافين مٿان ڀوتارن ۽ سردارن جي  يلغار بند ٿيڻ کپي ۽ اسان سنڌ جي معصوم نياڻي  پريا  ڪماري جي جلد ڌاڙيلن جي چنبي مان آزادي چاھيون ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.