ٽنڊو محمد خان( اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ضلعي جي نوجوان سنگت سٿ پاران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ياد ۾ ھڪ روزه في سبيل الله ڪيمپ قائم ڪري سخت گرمي دوران روڊ تان لنگھندڙ مسافر گاڏين ،چنگچي رڪشائن ۽ موٽر سائيڪلن تي سوار مسافرن توڙي شھر واسين کي روڪي ٿڌو پاڻي پياريو ويو ته جيئن ھو ھيٽ اسٽروڪ کان بچي سگھن ان موقعي تي نوجوان سنگت سٿ جي اڳواڻن چيو ته شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي سوچ کي مشعل بڻائينداسين سندس سچ واري واٽ تي ھلڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته جئين سنڌ مان ڀوتارڪي نظام مان جند ڇٽي سگهي.
-
نئون دمبالو ۾ شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتار ي لاءِ احتجاج
نئون دمبالو (ن ع آ) نئون دمبالو ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ صحافي اتحاد ۽ پريس ڪلب نئون دمبالو جي صحافين پاران احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي ان موقعي تي قلم ڌڻين جو چوڻ ھو ته نصرالله گڏاڻي کي بيگناھ شھيد ڪيو ويو آھي جنھن جا قاتل اڃان تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آھن پوليس مڪمل طور تي خاموش آھي پوليس جي ڪاروائي فقط ڇاپن تائين محدود آھن مک قاتلن خلاف اڃان تائين ڪا به ڪاروائي نه ٿي سگھي آھي پوليس اڃان خاموش تماشائي بڻيل آھي سنڌ صحافي اتحاد ۽ صحافين پاران نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف جو مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته سندس مک قاتل جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪرادار تائين پھچائي کين سخت سزا ڏني وڃي.