پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد ۾ واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڪاروباري اعتماد ۾ 4 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي سروي موجب مارچ کان اپريل 2024 دوران پاڪستان ۾ سروي ڪئي وئي، جيڪا مهانگائي، ٽيڪسيشن ۽ پاليسي خدشن بابت هئي.
سروي موجب بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس معاشي بحالي جا ڪجهه هاڪاري اشارا ڏيکاريا آهن، مارچ ۽ اپريل 2024 ۾ انڊيڪس ڪاٽو 14 سيڪڙو تائين رهيو، جيڪو گذريل سروي ۾ ڪاٽو 18 سيڪڙو هو.
ڪاروباري ماحول، اقتصادي ترقي ۾ بهتري، هڪ مستحڪم ناڻي مٽاسٽا شرح ۽ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي سبب ڪاروباري اعتماد بهتر ٿيو.

pakistan business dollar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.