اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل مهيني مهانگائي ۾ 3.24 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مئي ۾ مهانگائي جي شرح 11.76 سيڪڙو ٿي وئي.
ڳڻپ کاتي طرفان مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مئي ۾ ماهوار بنيادن تي مهانگائي ۾ 3.24 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، مئي 2024 ۾ مهانگائي جي شرح 11.76 سيڪڙو تي اچي وئي.
رپورٽ موجب گذريل مهيني شهرن ۾ مهانگائي 2.80 ۽ ٻهراڙين ۾ 3.89 سيڪڙو گهٽ ٿي، مئي ۾ شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 14.35 سيڪڙو رهي ۽ ٻهراڙين ۾ مهانگائي جي شرح 8.17 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.
ان کانسواءِ هلندڙ مالي سال جولاءِ کان مئي تائين مهانگائي جي سراسري شرح 24.52 سيڪڙو رهي.
inflation pakistan pmln