طاقتورن جو غرور مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين: فضل الرحمان

مظفرڳڙهه (م ڊ ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومتون بڻجنديون ته صرف عوام جي مرضي  سان بڻجنديون.مظفرڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجن کي رد ڪريون ٿا هن چيو ته حڪومتون صرف عوام جي مرضي موجب بڻجن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته عوام جي حق سان مذاق ڪندا رهو، اهو نٿو ٿي سگهي ته ٽنگ مٿان ٽنگ رکي چوندا رهو ته عوام جي ڪهڙي حيثيت آهي.جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته بغاوت اهي ادارا ڪري رهيا آهن جيڪي آئين ٽوڙيندا آهن. توهان جو پاڪستان جي قيام ۾ ڪوبه ڪردار ناهي پر ٽوڙڻ ۾ توهان جو ڪردار آهي. جيڪڏهن اسان کي گرفتار ٿيڻو پيو ته گرفتاريون ڏينداسين ۽ جيڪڏهن قبر ۾ وڃڻو پيو ته ان جي لاءِ به تيار آهيون. اوهان 35 لک ٽن خراب ڪڻڪ ڇو گهرائي اوهان  ڪنهن سان سودو ڪيو؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته بغاوت اسان نه ڪري رهيا آهيون بغاوت اهي ادارا ڪري رهيا آهن جيڪي آئين ٽوڙيندا آهن، جرنلن آئين سان راند ڪئي، اسان ادارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان پنهنجا حق خيرات گهري نه پر جنگ وڙهي وٺنداسين. اوهان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهڻ جو اعلان ڪيو پر دهشتگردي وڌندي پئي وڃي.جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيڪڏهن دهشتگردي سرحدن کان ٿي رهي آهي ته پوءِ اوهان سرحدن تي ڪٿي بيٺل آهيو، اوهان 20 سالن ۾ قبيلن کي تباهه ڪري ڇڏيو، هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي ختم نبوت گولڊن جوبلي جي موقعي تي مينار پاڪستان تي يوم الفتح ملهائينداسين. اميد آهي ته عدالت سڳوري قاديانيت تي پنهنجي فيصلي جي ذريعي قوم کي شاهراهه دستور تي جمع ٿيڻ جو موقعو نه ڏيندي. ملڪ جو جهنڊو بلند ڪري اهو عهد ڪريو ته اسان انشاءَالله انهي جهنڊي جو قرض رت ڏئي لاهينداسين.هن وڌيڪ چيو ته فلسطين جي مسلمانن قرباني ڏني، هاڻ يورپي ملڪ به فلسطين کي رياست جي طور تي مڃڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن..

اسان  فلسطينين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني اوهان سان گڏ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.