رتي ديري ۾ ٻن گروپن ۾ جهيڙي کانپوءِ رينجرز مقرر

رتوديرو (عوامي آواز نيوز) رتي ديري ۾ ٻن گروپن وچ ۾ ٻن ڏينهن کان جاري جهيڙو رڪجي نه سگهيو آهي، علائقي ۾ وقفي وقفي  سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي. پوليس موجب ڪريڪر بم اڇلائڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار رتو ديرو ۾ ٻن گروپن ۾ ويڙهه واري معاملي جو نوٽيس وٺندي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي کان تفصيل طلب ڪيا آهن. هن پوليس کي قانون جي رٽ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. جهيڙي ۽ فائرنگ بعد رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو. ٻڌايو پيو وڃي ته ويسر ۽ جلباڻي برادري وچ ۾ هڪ مهينو اڳ ٻارن جي معاملي تي جهيڙو ٿيو هو ۽ ٻن برادرين ۾ جهيڙي دوران جلباڻي برادري جو هڪ نوجوان زخمي ٿيو هو. سوشل ميڊيا تي هٿياربندن جي کليل نموني فائرنگ جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هٿياربندن کي پنهنجي مخالفن کي گاريون ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻنهي گروپن ۾ جهيڙي سبب شهرين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي گهرن تائين محدود ٿي ويا، جڏهن ته علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پکڙجي وئي آهي.  علائقو نو گو ايريا بڻجي ويو. ٻئي پاسي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي روحيل کوسي چيو ته ڪنهن کي به شهر جو امن امان بگاڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. جوابدارن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.