ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو چيو آهي ته گوادر ۾ ڪنڊيدار تار لڳائڻ جي حوالي سان عوام کي ر ياست خلاف گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ گهرو وزير چيو ته گوادر جي حوالي سان جيڪو به قدم کنيو ويندو اهو اتي جي عوام جي مفاد ۽ نيت ۾ ڪيو ويندو ۽ گوادر تي پهريون حق گوادر جي عوام جو آهي. گهرو وزير چيو ته ڪنڊيدار تار لڳڻ بابت نه ڪو فيصلو ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪو اجلاس ٿيو آهي. هن چيو ته غلط بياني ذريعي رياست ۽ نوجوانن جي وچ ۾ خال پيدا ڪيو پيو وڃي.