ميرپورماٿيلو(پريم راٺوڙ)ميرپورماٿيلو ۾ پريا ايڪشن ڪاميٽي،جسقم شھيد بشير خان قريشي ۽ جيئي سنڌ تحريڪ،جسقم آريسرپاران معصوم پريا ڪماري جي بازيابي ۽ صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو ميڙاڪي ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ميڙاڪي ۾ شھيد نصرالله گڏاڻي جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي فقير رمضان ڪلوڙ،سُھيل ڪلوڙ،وحيد سنڌي،حنيف سومرو،وقار بوزدار،محسن ڪورائي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته صحافي نصرالله گڏاڻي ھڪ شعور ھيو، قاتل وڏا بااثر آهن ۽ انهن بااثرن کي ايس ايس پي گهوٽڪي ڪڏهن گرفتار نه ڪري سگھندو ڇو ايس ايس پي پاڻ وڏيرن جو رکيل آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ته جيئن اصل قاتل ڪردار کي وائکو ڪيو وڃي محسن ڪورائي چيو ته پريا ايڪشن ڪاميٽي پريا ڪماري جي بازيابي ۽ صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ھر محاذ تي گڏ رھنداسين،،