عوامي آواز ريتي جي رپورٽر حزب الله پتافي کي مارڻ جي ڪوشش

ڏهرڪي(ن ع آ) ڏھرڪي جي سينيئر صحافي عوامي پريس ڪلب ڏھرڪي جي صدر روزاني عوامي آواز ريتي جي رپورٽر حزب الله پتافي مٿان جوابدارن طرفان رستا روڪ ڪري حملي جي ڪوشش ڪئي وئي خبر ٻڌندي ئي سوين صحافي دادلغاري ٿاڻي تي پھچي ويا اتي موجود صحافي حزب الله  پتافي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنھنجي ڳوٺ مولوي بھاءالدين پتافي کان واپس پئي آيس  ته رستي ۾ جوبدار عبدالغني ولد خان محمد ۽ ان جو پٽ ۽ ٻيا نا معلوم جوابدارن منھنجي رستا روڪ ڪري مون کي جان سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي ھن چيو ته منھنجي رڙين ۽ دانھن تي جوابدار مون کي موتمار ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ھن چيو ته جوابدار بااثر آھن ۽ مان مسڪين آهيان مون کي جوابدارن مان جاني خطرو آھي مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي جڏھن ته ان واقعي جي درخواست داد  لغاري ٿاڻي تي پيش ڪئي وئي آخري اطلاعن تائين جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ ڪو نه آئي جڏھن ته ان واقعي خلاف سموري سنڌ جي صحافين سياسي سماجي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي طرفان شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.