ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، ڌاڙيل ڪلچر، لوڊشيڊنگ، پاڻي جي کوٽ سميت شھيد جان محمد مھر ۽ نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف ٺٽي ۾ سياسي سماجي، قومي ۽ مذھبي تنظيمن پاران ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مارچ ڪري قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو. جماعت اسلامي، جي يو آءِ ايف، جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، پي ٽي آءِ، وحدت المسلمين ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن الطاف ملاح، امتياز پالاري، مولانا عبدالوھاب بلوچ، شاھنواز بروھي، ياسر جاکرو، امجد شاھ، عبدالله آدم گندرو، مجيد سمون ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ معصوم ٻارڙا ۽ نياڻيون به محفوظ ناھن، ڌاڙيل ڪلچر پيدا سنڌ ۾ خوف و هراس وارو جوڙيو ويو آھي. پاڻي جي کوٽ وڌندڙ لوڊشيڊنگ سبب قھر جي گرمي ۾ ماڻھو تڙپي رھيا آھن، شھيد جان محمد مھر ۽ نصرالله گڏاڻي جا اڃان تائين قاتل آزاد آھن. ھنن چيو ته سنڌ ۾ اربين رپيا بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود امن امان جي صورتحال بھتر نه ٿي سگھي آھي، معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين کي اغوا ڪري سرعام وڊيو وائرل ڪيون پيون وڃن پر پوليس ڌاڙيلن تائين نٿي پھچي سگھي، سنڌ جو پاڻي بند ڪري سرسبز سنڌ کي بنجر بڻايو ويو آھي،هنن چيو ته ٺٽو ضلعو بجلي پيدا ڪندڙ ضلعن ۾ شامل ٿئي ٿو، ھر روز 3 ھزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي پر ٺٽي جا ماڻھو 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جي عذاب کي منھن ڏئي رھيا آھن.