ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان چيو آهي ته صدر جهڙي اعليٰ عهدي تي رهڻ باوجود عارف علوي ڪجهه نه سکيو.
ايم ڪيو ايم ترجمان اڳوڻي صدر عارف علوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عارف علوي جي سياست ايم ڪيو ايم تي الزامن کان شروع ٿي ان تي ئي ختم ٿئي ٿي، الزام هڻڻ بدران 9 مئي تي رياست خلاف ڪئي ويندڙ سازش جو جواب ڏيو.
هن چيو ته جعلي ۽ جبري مينڊيٽ تي صدر بڻجندڙ عارف علوي ڪهڙي منهن سان قانون ۽ انصاف جي ڳالهه ڪري رهيو آهي؟ عارف علوي سميت ان جي جماعت ڪراچي لاءِ ڪجهه نه ڪيو.
arifalvi pti mqm