ڪراچي ۾ 5 مهينن دوران ڦر جي وارداتن ۾ 71 شهري قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ هلندڙ سال جي شروعاتي 5 مهينن ۾ قتل، ڦر دوران قتل، اغوا، ڀتي خوري سميت اسٽريٽ ڪرائم جون 33 هزار جي لڳ ڀڳ وارداتون ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڦر مزاحمت، ٽارگيٽ ڪلنگ، ذاتي دشمني، غيرت جي نالي تي 180 کان وڌيڪ ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، ڦر جي وارداتن دوران 71 ڄڻا قتل ڪيا ويا.
ذريعن موجب جنوري ۾ 12، فيبروري ۾ 20، مارچ ۾ 17، اپريل ۾ 19 ۽ مئي ۾ ٻه ڄڻا ڦورن جي گولين جو نشانو بڻيا.
سي پي ايل سي موجب شهر ۾ 8 هزار 5 سئو کان وڌيڪ موبائل فونز کسيا ويا، 19 هزار 5 سئو کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون چوري ڪيون ويون.
3 هزار کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون گل پوائنٽ تي کسيون ويون، 698 کان وڌيڪ گاڏيون چوري ٿيون، 110 کان وڌيڪ گاڏيون گن پوائنٽ تي کسيون ويون.
هلندڙ سال 5 مهينن دوران 575 پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ 79 ڦورن ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي ماريو ويو، 600 کان وڌيڪ جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 29 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.

karachi sindhpolice sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.