جسٽس بابر ستار خلاف سوشل ميڊيا مهم، توهين عدالت ڪيس سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار جي فيملي ڊيٽا ليڪ ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا مهم خلاف توهين عدالت ڪيس 3 جون تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس طارق محمود جهانگيري ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان به بئنچ ۾ شامل آهن.
واضح رهي ته 23 مئي تي لارجر بئنچ جي عدم دستيابي سبب ٻڌڻي نه ٿي سگهي هئي.
عدالت ايف آءِ اي، پي ٽي اي ۽ آءِ بي کان رپورٽون طلب ڪيون آهن.

islamabadhighcourt justicebabarsattar supremecourtofpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.