ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي نئين ايڪشن فلم ”ڪنگ“ جو پرستارن کي بي صبري سان انتظار آهي، جنهن ۾ اداڪار جي ڌيءَ سوهانا به بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪندي.
سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير وائرل ٿي آهي، جنهن جي باري ۾ اهي خبرون اچن پيون ته اهي تصويرون اداڪار جي نئين فلم جي سيٽ جون آهن ۽ فلم جي شوٽنگ جي شروعات اٽلي مان ٿي وئي آهي.
ڀارتي خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته وائرل فوٽو شاهه رخ خان جو به پر هڪ برٽس اسپينش نيٽ فلڪس سيريز آهي جيڪا 2020 ۾ رليز ٿي هئي.
ذريعن موجب شاهه رخ خان پنهنجي فيملي سوڌو اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنٽ جي شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ اٽلي ۾ موجود آهي.
واضح رهي ته فلم ڪنگ خان لاءِ 200 ڪروڙ جو بجيٽ رکيو ويو آهي ۽ ان کي 2025 ۾ سينيما گهرن ۾ رليز ڪرڻ جا امڪان آهن.
Shahrukhkhan DabbangKhan HollyWood
You might also like