پاڪستاني اداڪار هانيا عامر فلمن ۾ آئٽم نمبر ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته فلمن ۾ آئٽم سانگ جا وڏا چرچا آهن، اوهان کي ڪنهن فلم ۾ آئٽم نمبر ڪرڻ جي آڇ ٿي ته ڪندئو؟
هانيا عامر جواب ڏنو ته سڀ کان پهريان مان گاني جي ٻول ۽ لباس تي غور ڪندس ڇو ته مونکي ويلگريٽي بلڪل به پسند ناهي، اهڙي طرح جي شين سان ڪو به سپر اسٽار ناهي بڻجندو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اهڙيون فلمون ٺهڻ گهرجن جن سان ملڪ جو نالو روشن ٿئي ۽ پرڏيهي مقابلن ۾ ايوارڊ کٽي سگهجن.
HaniaAmir Actress pakistan