برطانوي بئنڪ جي 3 ڪروڙ واهپيدارن جي ڊيٽا ليڪ، هيڪرن وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏي

برطانوي بئنڪ سينٽينڊر جي 3 ڪروڙ واهپيدارن جي ڊيٽا ليڪ ٿي ويو ۽ هيڪرن ڊيٽا آن لائن وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽ موجب هيڪرن جي گروپ بئنڪ جي ملازمن سميت 3 ڪروڙ واهپيدارن جي ڊيٽا هيڪ ڪئي، جنهن ۾ 2 ڪروڙ 80 لک واهپيدارن جا ڪريڊٽ ڪارڊ نمبر، 60 لک اڪائونٽ نمبر ۽ رقم جا تفصيل شامل آهن.
هيڪرن جي دعويٰ آهي ته بئنڪ ملازمن جا مڪمل تفصيل به هيڪ ڪري حاصل ڪيا ويا آهن.
برطانوي بئنڪ جا سڄي دنيا ۾ ٻه لک کان وڌيڪ ملازم آهن، جڏهن ته رڳو برطانيا ۾ 20 هزار ملازم آهن.
هيڪرن بئنڪ جي ڊيٽا آن لائن پليٽ فارم تي 20 لک ڊالرن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪري ڇڏي، هيڪرز گروپ پنهنجي اشتهار ۾ طنز ڪندي لکيو ته جيڪڏهن بئنڪ به چاهي ته رقم ادا ڪري ڊيٽا حاصل ڪري سگهي ٿي.
هوڏانهن بئنڪ پنهنجي بيان ۾ واهپيدارن کان معذرت ڪندي چيو ته جاچ ۾ خبر پئي آهي ته چلي، اسپين ۽ يوراگوئي جي واهپيدارن سميت اسان جي سمورن موجوده ۽ اڳوڻن ملازمن جي ڊيٽا تائين هيڪرن پهچ حاصل ڪئي آهي.
بئنڪ اختيارين موجب برطانوي واهپيدارن جي ڊيٽا محفوظ آهي، هيڪر چورائڻ ۾ ڪامياب ناهن ٿي سگهيا.

uk england london

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.