ورلڊ کٽڻ جي صورت ۾ قومي ٽيم حج لاءِ شاهي مهمان هوندي

سعودي سفير نوان بن سعيد الحمد المالڪي قومي ٽيم کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ جي صورت ۾ وڏي آفر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ خصوصي وڊيو پيغام جاري ڪيو.
سعودي سفير جي وڊيو پيغام ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ شرڪت ڪرڻ واري پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
نواف بن سعيد احمد المالڪي چيو ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل پنهنجي ڀائرن لاءِ منهنجو پيغام آهي ته انشاءَ الله اوهان اهو ٽورنامينٽ کٽي ڏيکاريندا ۽ عوام اوهان جي ڪاميابي تي جشن ملهائيندي.
سعودي سفير چيو ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 کٽڻ جي صورت ۾ پاڪستاني ٽيم ايندڙ سال حج تي شاهي مهمان هوندي.
واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جي شروعات ٿي چڪي آهي، اڄ افتتاحي مئچ ۾ ميزبان آمريڪا ڪينيڊا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

PCT Pakistan T20Worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.