حيدرآباد: گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 10 ٿي ويو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سلينڊر ڦاٽڻ جي واقعي جو هڪ ٻيو زخمي ڪراچي جي سول برنس وارڊ ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ واقعي ۾ فوتين جو انگ 10 ٿي ويو آهي.
اسپتال انتظاميا موجب اسپتال ۾ 13 زخمي علاج هيٺ آهن، جن مان 7 جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي علائقي پريت آباد ۾ گئس سلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪي کانپوءِ باهه ڀڙڪي پئي هئي.

hyderabad sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.