ڀرپور انداز ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين:رونالڊو جو وڏو اعلان

جڳ مشهور فٽبالر ڪرسٽيانو رنالڊو چيو آهي ته ان جي ٽيم هاڻ ڀرپور انداز ۾ ڪم بيڪ ڪندي.
انسٽاگرام تي رونالڊو پنهنجي آفيشل اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾هن سعودي عرب جي النصر ڪلب سان گڏ کيڏندي پنهنجي قائم ڪيل سڀني رڪارڊز کي ياد ڪيو.
رونالڊو لکيو ته کيڏو، سکو ۽ اڳتي وڌو، اهو عمل دهرائيندا رهو، ان سيزن ۾ اوهان سڀني جي حمايت جي مهرباني، اسان ڀرپور انداز ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين.
هن چيو ته مان اوهان جي مدد سان ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيس ۽ ٽوٽل 51 مئچن ۾ 50 گول ڪيا
CristianoRonaldo CR7 Alnassr

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.