ارشد نديم اولمپڪس کان اڳ ڪهڙي ايونٽ ۾ شرڪت ڪندو؟

پاڪستاني اولمپئن جيولين ٿرور ارشد نديم کي پئرس اولمپڪس جي تياري لاءِ 2 ايونٽس ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو.
ايٿليٽڪس فيڊريشن آف پاڪستان ارشد نديم جي پئرس اولمپڪس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.
ڪوچز ارشد نديم کي اولپمڪس کان اڳ ٻن ايونٽن ۾ ڀرپور شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ارشد نديم پئرس اولمپڪس کان پهريان 18 جون تي فن لينڊ جي ايونٽ ۾ حصو وٺندو، جنهن بعد 7 جولائي تي پئرس ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ ايڪشن ۾ هوندو.
واضح رهي ته ارشد نديم اڄڪلهه ري هيب ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

ArshadNadeem Olympics Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.