بابر سان دوستي ڪم نه آئي! امام الحق ٽيم جو حصو نه بڻجڻ تي ڇا ٿو سوچي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي اوپننگ بيٽر امام الحق شو دوران ٽيم جو حصو نه بڻجڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
امام الحق تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ کلي ڪري ٽيم جي ڪارڪردگي سميت پنهنجي سليڪشن تي ڳالهايو.
شو دوران پروگرام ۾ ويٺل ماڻهن مان هڪ شخص سوال ڪيو ته چيو ويندو آهي ته جنهن جي بابر اعظم سان دوستي هوندي آهي ته اهو ٽيم جو حصو بڻجندو آهي، ته ان جي دوستي اوهان سان به آهي پر ٽيم جو حصو ناهيو، جڏهن ته شاداب خان پرفارمنس ناهي اهو پوءِ ٽيم ۾ شامل آهي، ائين ڇو؟
پرستار جي سوال جي جواب ۾ امام الحق چيو ته مون گهڻا سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ۾ بطور اوپنر ٽيم جي نمائندگي ڪئي پر منهنجي ٽي ٽوئنٽي ۾ جاءِ نٿي بڻجي، جڏهن مان ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ شامل هيس ته ان وقت بابر ۽ رضوان اوپنگ ۾ سٺو کيڏي رهيا هئا.
امام الحق جو چوڻ هو ته شاداب جي پرفارمنس تي آئون نه ڳالهائيندس، پر اها به حقيقت آهي ته ان وٽ تجربو آهي، ڇو ته هو گذريل 8 سالن سان ٽيم جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.