ورلڊ ڪپ جي افتتاحي مئچ ۾ آمريڪا ڪينيڊا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڊيلس ( ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع جي افتتاحي مئچ ۾ ميزبان آمريڪا ڪينيڊا کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڊيلس ۾ کيڏي ويندڙ گروپ اي جي مئچ ۾ آمريڪا جي ڪپتان مونانڪ پٽيل ٽاس کٽي ڪينيڊا کي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جي دعوت ڏني.
ڪينيڊا آمريڪا خلاف شاندار بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون اسڪور ڪيون، نوونيت دهاليوال 61 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي، نڪولس ڪرٽن 51، اورن جانسن 23 دلپريت باجوا 11 رنسون ٺاهي سگهيو.
آمريڪا طرفان علي خان، هرميت سنگهه ۽ ڪوري اينڊرسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪينيڊا طرفان ڏنل هدف جو پيڇو ڪندي آمريڪا جي پهرين وڪيٽ زيرو تي ڪري پئي ۽ ميزبان ٽيم جي ٻئين وڪيٽ 42 رنسن تي ڪري پئي پر ٽئين وڪيٽ تي اينڊريس گوس ۽ ايرون جونسن وچ ۾131 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي.
جونسن شاندار بيٽنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ ڏهن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 94 رنسن جي ناقابل اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.