”اين آر او کانسواءِ ڪنهن به مسئلي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون“

لاهور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هو اين آر او کانسواءِ ٻئي ڪنهن به مسئلي تي ڳالهين لاءِ تيار آهن.
ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ڪنهن لڳايو هو؟ چيف اليڪشن ڪمشنر جو تحفو پي ٽي آءِ باني ڏنو هو، سيٽون هارائڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر هنن کي خراب لڳو.
هن چيو ته شهيد ڀٽو پاڪستان ٽوڙي ها ته فوجي قيدي واپس نه آڻي ها، آصف زرداري صدر چونڊجڻ تي بلوچستان کان معافي گھري، آصف زرداري وفاق جي بنياد تي بلوچستان کان معافي گھري.
سندس چوڻ هو ته 9 مئي وارا حڪومت ۾ ايندا ته اهو ساليا نشان هوندو، عدالتون 9 مئي ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏين ته جيئن اڳتي ڪو ائين ڪرڻ جو نه سوچي.
فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وڏو وزير علي امين گنڊاپور اچي ۽ ڳالهيون ڪري، اين آر او کانسواءِ ڪنهن به مسئلي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. سياسي جماعتن کي گڏ ويهي ملڪ کي اڳتي کڻي اچڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.