ڀارت جي لوڪ سڀا چونڊن ۾ حڪمران اتحاد کي سرسي حاصل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي لوڪ سڀا چونڊن ۾ حڪمران اتحاد کي سرسي حاصل آهي، ڀارتي ميڊيا جي ايگزٽ پول چونڊ نتيجن بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
ايگزٽ پول موجب نريندر مودي جي پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻي ۾ قائم اتحاد نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس جي 355 کان 380 سيٽن تي ڪاميابي جو امڪان آهي.
اپوزيشن پارٽي ڪانگريس جي اتحاد ”انڊيا“ کي 125 کان 165 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب حڪمران اتحاد اين ڊي اي کي 2019 جي چونڊن ۾ 353 سيٽون مليون هيون.

narendramodi india newdelhi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.