پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڪپتان جي حيثيت سان سيمي فائنل ۽ سيمي فائنل کيڏي چڪو آهيان، هاڻ ٽرافي کٽڻ چاهيان ٿو.
پي سي بي جي پوڊڪاسٽ پروگرام ۾ ڳالهائيندي بابر اعظم جو چوڻ هو ته اها اسان سڀني جي ٽيم آهي، اسان جو مقصد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کٽڻ آهي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٻڌايو ته انڊيا ۽ پاڪستان جي مئچ ۾ ڪجهه الڳ ئي مزو هوندو آهي، اها واحد مئچ هوندي جنهن دوران صرف رانديگر ئي نه سموري دنيا جي شوقينن ۾ جوش ۽ خروش ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
هن چيو ته ورلڊ ڪپ جو شيڊول بهتر آهي، آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ ٿي رهيو آهي تنهن ڪري اتي ڊراپ ان پچز هونديون، هاڻ هڪ نئون تجربو ۽ نئون چيلينج هوندو، اسان کي ڪنڊيشنز جو گهڻي خبر ناهي پر پهريان ڪنڊيشن کي سمجهي بعد ۾ تياري ڪنداسين.
BabarAzam T20worldcup2024 Pakistan