اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي چئني صوبن جي 66 ضلعن ۾ پوليو خلاف مهم سڀاڻي 3 جون کان شروع ٿيندي.
سڄي ملڪ جي 66 مخصوص ضلعن ۾ 3 جون کان 9 جون تائين پوليو مهم هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، قومي ذيلي پوليو خلاف مهم سمورن صوبن جي 66 ضلعن ۾ هلائي ويندي.
صحت واري وزارت جي اختيارين موجب پوليو خلاف مهم 36 ضلعن ۾ مڪمل، جڏهن ته 30 ضلعن ۾ جزوي طور هلائي ويندي، جنهن ۾ پنجن سالن تائين عمر جي ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ستن ڏينهن واري مهم خيبر پختون خواهه جي 32، سنڌ جي 16، بلوچستان جي 20 ۽ پنجاب جي ضلعن توڙي اسلام آباد سميت افغان پناهگير ڪيمپن ۽ افغان بارڊر سان لاڳاپيل يوسيز ۾ هلائي ويندي.
You might also like