سلمان خان کي گاڏيءَ ئي ۾ نشانو بڻائڻ جي منصوبي جو انڪشاف

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان کي سندس گاڏي ۾ نشانو بڻائڻ جي منصوبي جو انڪشاف ٿيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ممبئي پوليس اداڪار سلمان خان تي حملي جي هڪ ٻي سازش جو پتو لڳائي ورتو آهي جنهن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته لارنس بشنوئي گروپ بالي ووڊ اداڪار کي مهارشٽرا جي علائقي پنويل ۾ سندس فارم هائوس ويجهو گاڏيءَ ۾ نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي.
پوليس موجب، سلمان خان تي حملي جي رٿابندي جي الزام هيٺ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ان کان اڳ 14 اپريل تي ٻن موٽر سائيڪل سوارن ممبئي جي علائقي بينڊرا ۾ سلمان خان جي گهر ٻاهران فائرنگ ڪئي هئي، جنهن بعد پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو هو،
ياد رهي ته سلمان خان کي گينسٽر لارنس بشنوئي ڊگهي عرصي کان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، لارنس بشنوئي گينگ جو مطالبو آهي ته اداڪار ڪاري هرڻ کي مارڻ تي معافي وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.