ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي پي ٽي آءِ باني جي 1971 بابت ٽوئيٽ جي حمايت ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عارف علوي چيو ته پي ٽي آءِ باني حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ پڙهڻ جي صلاح ڏني ته ان ۾ ڪهڙي غداري آهي؟
هن چيو ته توهان پنهنجي ذهن ۾ هڪ نظريو ٺاهيو آهي، جنهن تحت توهان غدار قرار ڏيندا آهيو، حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ جيڪو پڙهندو آهي، ان تي ايف آءِ آر ٿي ويندي آهي.
سندس موجب عمران خان حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ پڙهڻ جو چئي ڇا غلط ڪيو؟ حمود الرحمان ايماندار جج هو، سندس پٽ اڄ به وفاقي شريعت ڪورٽ ۾ جج آهي.
arifalvi pti pmln