ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار ارجن ڪپور ۽ ملائيڪا اروڙا جي بريڪ اَپ جون خبرون گذريل ڪيئي مهينن کان ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيون آهن پر هاڻ سندن ڪجهه ويجهن ماڻهن ان خبر جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ هڪ ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ملائيڪا اروڙا ۽ ارجن رشتو ڏاڍو خاص رهيو ۽ ٻنهي جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ خاص احساس رهيو آهي.
رپورٽ موجب، ٻئي ان معاملي تي خاموشي برقرار رکڻ چاهين ٿا ۽ هو نٿا چاهين ته ڪو سندن معاملي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻئي ڊگهي عرصي تائين هڪٻئي سان محبت جي رشتي ۾ رهيا جيڪو بدقسمتي سان هاڻ ختم ٿي ويو آهي، پر ان جو مطلب اِهو ناهي ته هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ ناراضگي آهي، ٻئي هڪ ٻئي جي جو احترام ڪن ٿا ۽ سدائين هڪ ٻئي جو سهارو بڻجندا.
رپورٽ ۾ اِها به دعويٰ وئي آهي ته ملائيڪا ۽ اروڙا ۽ ارجن ڪپور جو نومبر 2023ع ۾ ئي بريڪ اَپ ٿي چڪو هو، ٻنهي مان هڪ شادي ڪرڻ پئي چاهي جڏهن ته ٻئي کي ان لاءِ وقت گهربل هو،ان ئي ڳالهه تان ٻنهي جي رشتي ۾ ڏار پئجي ويا.
واضح رهي ته سندن بريڪ اَپ جي خبر ان وقت منظرعام تي آئي جڏهن ته ملائيڪا اروڙا ارجن ڪپور ۽ سندن رشتيدارن کي انسٽاگرام تان ان فالو ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ملائيڪا اروڙا ۽ ارجن ڪپور ۾ 2016 کان هڪ ٻئي جي ويجهو آيا، جوڙي سالگرهه جي پوسٽ ذريعي پنهنجي لاڳاپن جو بظابطا اعلان ڪيو هو.
” اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا“ ارجن ڪپور ۽ ملائيڪا اروڙا به هڪٻئي کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا
You might also like