ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪارا رڌيما پنڊت اڄڪلهه پنهنجي شادي جي خبرن جي حوالي سان ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ سندس نالو ڪرڪيٽر شُڀمَن گِل سان جوڙيو پيو وڃي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اداڪارا هلندڙ سال جي آخر ۾ پاڻ کان عمر ۾ نوَ سال ننڍي شُڀمَن گِل سان شادي ڪرڻ واري آهي پر سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي اداڪارا رڌيما پنڊت ڀارتي ڪرڪيٽر سان پنهنجي شادي جي خبرون کي غلط ۽ بي بنياد قرار ڏنو.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن سندس زندگي ۾ اهڙو ڪجهه ٿيندو يا جيڪڏهن هوءَ شادي بابت سوچيندي ته ذاتي طور تي اعلان ڪندي پر فلحال اهڙين خبرن ۾ڪا به سچائي نه آهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن کان خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته شُڀمَن گِل ۽ رڌيما هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن پر هو پنهنجي شادي کي ڳجهو رکڻ چاهين ٿا.
رڌيما کان اڳ شُڀمَن گِل جو نالو سچن ٽنڊولڪر جي ڌيءَ سارا ٽنڊولڪر ۽ سارا علي خان سان به جوڙيو ويو هو.
You might also like