ملڪ ۾ انصاف سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي: اعظم نذير تارڙ

لاهور (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي.
لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اڻ سهپ جو نظام تڪليف ڏيندڙ آهي، معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اقليتن بابت پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو سهپ وارو نظريو اختيار ڪرڻ گهرجي، پاڪستان مذهبي رواداري جي حوالي سان اهڙو ملڪ نه هو، جهڙو توهان افغان جنگ کانپوءِ ڏٺو.
سندس چوڻ هو ته نيب اسان کي 60 ڏينهن رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي، وفاقي حڪومت رمانڊ جو مدو 14 مان وڌائي 40 ڏينهن ڪيو آهي.

azamnazeertarar pmln pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.