نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ گرمي جي لهر برقرار آهي، گذريل 48 ڪلاڪن دوران شديد گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ سبب 74 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
گرمي سبب فوتگيون بهار، اتر پرديش ۽ اڙيسا جي رياستن ۾ ٿيون.
48 ڪلاڪن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ 74 ٿي ويو آهي، هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيندڙن ۾ چونڊ عملي جا 25 اهلڪار پڻ شامل آهن.
دهلي ۾ هلندڙ هفتي 52 ڏهائي 9 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.
ڀارت جي موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين هيٽ ويو جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن دوران گرمي معمول کان6 ڊگري وڌيڪ رهندي……
India heatwave electionofficials