اينٽي ڪرپشن کاتي جي چيئرمين شپ تان هٽايل فرحت جوڻيجو پاران کاتي ۾ ڪرپشن جا الزام

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اينٽي ڪرپشن کاتي جي چيئرمين شپ تان هٽايل فرحت جوڻيجو کاتي ۾ ڪرپشن جا الزام هنيا آهن.
اڳوڻي چيئرمين فرحت جوڻيجي الزام هنيو آهي ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آفيس ۾ ڪرپشن جي بازار لڳل آهي، هر مهيني 6 کان 7 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي.
فرحت جوڻيجي موجب اينٽي ڪرپشن ۾ بدلين ۽ مقررين تي هڪ خانگي ماڻهو شهريار مهر نظام هلائي رهيو آهي، ڊائريڪٽر توڻي شهريار مهر تازو ڊپٽي ڊائريڪٽرن جي مقررن تي 15-15 لک رپيا رشوت ورتي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته سرڪل آفيسرن جي مقررين تي 5 کان 10 لک رپيا رشوت ورتي وئي، عيد کان اڳ رشوت طور مون کي هڪ لفافو ڏنو ويو جيڪو مون ڊائريڪٽر کي واپس ڪيو….

anticorruption Farhatjunejo Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.