ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ٺاهيل ڪميٽي رد ڪيون ٿا :عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو ۽ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر  پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ سنڌ جي 52 هزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين وڪرو ڪرڻ سنڌي عوام کي پنھنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش آهي. پيپلز پارٽي سرڪار کي سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ جو سنڌي عوام ڪوبه مئنڊيٽ ۽ اختيار ڪونه ڏنو آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي زمين ڏيڻ لاءِ سنڌ ڪابينا جي ڪميٽي رد ڪريون ٿا. اھي زمينون عسڪري ادارن سان لاڳاپيل ڪمپنين بدران مقامي بي زمين سنڌي ھارين کي ڏنيون وڃن. پيپلز پارٽي سموري سنڌ وڪڻڻ چاهي ٿي. پيپلز پارٽي وارن اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي نيلامي ڪئي آهي. هنن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت قومن جا وسيلا ڦٻايا پيا وڃن. سهولت ڪاري ڪائونسل قومن جي وجود مٿان حملو آهي. زرعي انقلاب جي نالي ۾ وسيلا وڪرو ڪرڻ واري سلسلي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو، پر امن جمهوري جدوجهد جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتيءَ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.