ڪراچي (رپورٽ : جاني سومرو)آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ سنڌ جي سينئر ليکڪ ۽ قومپرست اڳواڻ، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو جي ڪتاب , پوري زندگي اڻپوري جدوجھد ، جو مھورتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو، ڪامريڊ ناصر منصور، دانشور امان شيخ، رياض سھيل، ڪامريڊ هاشم کوسو، زھرا خان، وڪيل سيد غلام شاھ، پروفيسر اعجاز قريشي، پروفيسر امير چانڊيو شرڪت ڪئي. مھورتي تقريب دوران شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ ٻين شھيد صحافين جي قتلن جي مذمت ڪئي ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ويو جڏھن ته شھيد ٿي ويلن لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو چيو ته جيڪو به ليکڪ پنھنجي آتم ڪٿا لکي ٿو اھو صرف پنھنجي ڳالھ ڪري ٿو پر عبدالخالق جوڻيجو پنھنجي ڳالھ گھٽ پر سنڌ جي قومپرست سياست ۽ سنڌ جي وحدانيت تي لکيو آھي، مزدور اڳواڻ ناصر منصور ڳالھائيندي چيو ته عبدالخالق جوڻيجو سنڌ جي زمين ۽ سنڌي ماروئڙن سان جڙيل آھي اسان کي ھن ڪتاب مان سکڻ گھرجي ۽ جدوجھد ڪرڻ کپي، پروفيسر اعجاز قريشي خطاب ڪندي چيوته عبدالخالق جوڻيجو عاليشان ڪتاب لکيو آھي هو جس لهڻي، ھي ڪتاب سنڌ جو ھر ھڪ نوجوان کي پڙھڻ گھرجي وحيده مهيسر چيو ته ھي ڪتاب پڙھڻ جوڳو آھي، سنڌ اندر عورتن کي مائي جندو ۽ ٻيا ڪردار گھرجن عورتن کي قومي جدوجھد ڪرڻ گھرجي، جيڪڏهن توهان کي سنڌ جي ماضي جي حالتن تي پڙھڻو آھي ته ھي ڪتاب پڙهڻ کپي. رياض سھيل چيو ته آتم ڪٿا لکڻ ھڪ ڏکيو ڪم آھي ڇوته ان ڪتاب ۾ سچ لکبو آھي ۽ تنقيد برداشت ڪرڻي ھوندي آھي، ھن پنھنجي ڪتاب ۾ بحريه ٽائون واري احتجاج بابت لکيو آھي ته احتجاج حڪمت عملي جوڙي ڀرپور نموني سان احتجاج ڪيو وڃي ھا بحريه ٽائون واري احتجاج بعد ڪيترن ئي ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيا ويا. امان الله شيخ ڳالھائيندي چيو ته مون ھي ڪتاب پڙهيو آھي ھن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ھڪ ته ماضيءَ جي جدوجھد، ٻيو حال جي جدوجھد ۽ مستقبل ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي، جيئي سنڌ تحريڪ ايتري اڇل ڇو نه ڏئي سگھي ان جو سبب گروپ بندي آهي. ڪتاب جي ليکڪ عبدالخالق جوڻيجو ڳالھائيندي چيو مون ڪوشش ڪئي ته پنھنجي دؤر جي سياسي جدوجھد آھي سنڌ جي ان کي قلمبند ڪجي، عام طور تي ائين ٿيندو آھي جو ماڻھو آتم ڪٿا ۾ پنھنجي زندگيءَ جا حوال لکندا آهن پر مون اھي گھٽ لکيا آھن پنھنجي دؤر جي سياسي واقعن تي وڌيڪ لکيو آھي ته جيئڻ ايندڙ نسل تائين سياست پڄي.