مورو ( ويب ڊيسڪ ) مورو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا
ٻڳھيا واٽر وٽ ٻگهيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فياض ۽ مختيار ٻگهيو مارجي ويا
پوليس پھچي لاش کڻائي مورو اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا
مارجي ويلن جو تعلق ڳوٺ عبدالغفور ٻگھيو سان ٻڌايو پيو وڃي
رياض ٻگھيو چيو ته ٻه سال اڳ فياض ٻگھيو پسند جي شادي ڪئي ھئي، جنھن تي ناري جي وارثن حملو ڪري گوليون ھڻي پٽ سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو آھي
پوليس موجب، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آھيون، ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري وارثن جي فرياد تي ڪيس ڪيو ويندو
You might also like